سکياﺋ‍ون

پر اپڪار حصو ٻيون


ھيٺيان جملا ڀاﺋﻲ روڙھا رام (ڀاﺋﻲ سترامداس جن جي ڀاﺋ‍يٽي) جي ڀڳت ڪنور رام جي جيو ن چرتر تي لکيل ڪتاب جي صفحي ٢٣ مان ورتل آھن

هڪ ڀيري هڪ ڀاﺋﻲ گڻيسارام مسند نالي هندو ويٺل حيات پتافيءَ ﺗﻌﻠﻘ؍ميرپور ماٿيلي جي کين عرض ڪيو ت‍؍ ساﺋين مان غريب آهيان منهنجي شادي آهي مون کي اها وصعت ڪان آهي جو شادي ڪري سگهان سري سوامي سترامداس صاحب جن کيس آٿت ڏي‍ﺌﻲ فرمايو ت‍؍ابا تون فڪر ن‍؍ ڪر ڀڳونت سڀ ڀلي ڪندو احوال وٺي اُن موقعي تي سندن ڳوٺ وڃي سندن عزيزن کي گهراﺋﻲ انهن مان حال معلوميت ڪري شاديءَ جو اهڙو ت‍؍ سندر بندوبست رکيو جو سڀ واھ واھ ڪرڻ لڳا اهڙيءَ طرح شاديءَ جو ڪم سک سان پورو ڪرايو

ڀاﺋﻲ گڻيسارا م جي عرض تي ت‍؍ سندس آجيوڪا لاءِ ڪو بلو ٿيڻ گهرجي داد لغاريءَ جي ڳوٺ ۾ هڪ درٻار کولاﺋﻲ کين اتي اسٿاپن ڪري سندس منو ڪامنا پوري ڪ‍ﺌﻲ هو پنهنجون منو ڪامناﺋ‍ون اهڙيءَ طرح پوريون ٿينديون ڏسي خوشيءَ ۾ نٿي ماپيو ۽ هر طرح دلي آسيسو ن سري سوامي جن کي ڪرڻ لڳو