سکياﺋ‍ون

نمرتا


You can also listen to the audio



ھيٺيان جملا ڀاﺋﻲ روڙھا رام (ڀا ﺋﻲ سترامداس جن جي ڀاﺋ‍يٽي) جي ڀڳت ڪنور رام جي جيو ن چرتر تي لکيل ڪتاب جي صفحي ١٠٠ ۽١٠١ مان ورتل آھن

هڪ دفعي سوامي جن (ڀڳت ڪنور رام) کي مانجهاندن مان ورسيءَ جي وٺڻ لاءِ ھڪ ڀا ﺋﻲ بصر مل ۽ ٻيو ساڻس گڏ آدمي رهڙڪيءَ ۾ آيا سوامي جن انهن جا ڏٺل ڪين ﮬﺌﺎ ، تنهنڪري ڀاﺋﻲ بصر مل ڪنهن شيواداري کان پڇيو ت‍ه ڀڳت صاحب جن (سوامي جن) ڪٿي آهن ۔ شيواداري چيو ت‍ه ابا جيڪو ماڻهو تغاري مٽي جي ٿو ڍوﺋﻲ اُهو ڀڳت صاحب(سوامي جن) اﭤﺌﻲ ڀاﺋﻲ بصر مل کي اها ڳالھ اعتبار ۾ ﺋﻲ نٿي آﺋﻲ ت‍ه ههڙو شهنشاھ جنھن کي لکين آدمي نمن سو تغاري کڻندڙ ڪ‍ﺋين هوندو . نيٺ ان شيوا دار ي کي چيو ت‍ه ابا مزمانن سا ن چرچا ڪرڻ ن‍ه گھرجن ، مونکي ٻڌاءِ ت‍ه سوامي جن ڪٿي آهن ۔ شيواداري ساڳيو جواب ڏنو . انهي وچ ۾ سوامي جن پاڻ ب‍ه اتان لنگهيا بصر مل کي ن‍ﺌ‍ون ماڻهو ڏسي ان کا ن پڇياﺋ‍ون ت‍ه ابا توهانکي ڇا گهرجي ، هن چيو ت‍ه ساﺋين ڀڳت صاحب ڪٿي آهن. سوامي جن کين آڌرڀاءُ سا ن چيو ت‍ه ابا ڪنور نالو ت‍ه هن سرير جو آهي . توهانکي ڪهڙو ڪم آهي ، تڏهن بصر مل واﺋ‍ڙو ٿي ويو ۽ هڪدم پير ن تي ڪر ي پيو. اهڙي نمرتا ڏسي سندن مهما ڳاﺋڻ لڳو ۽ شرڌا بلڪل گهڻي وڌيس


سمجهاڻي

ڄاڻي ت‍ه ب‍ه ن‍ه ڄاڻ اه‍و در اٻوجهن جو
ان در سي ﺋﻲ اگهيا جن ن‍ه ڀانيو پاڻ
ريجھاﺋ‍و راڄاڻ آهي اٻوجهن جو



اسان اھڙن ڪيترن ﺋﻲ سنتن جي بار ي ۾ ضرور ٻڌو هوندو جن پنهنجي نمرتا جي گڻ جي ڪر ي پنهنجي آسپاس جي ماڻهن کي موهي ڇڏيو پر چوندا آهن ت‍ه ايشور در ب‍ه اهي ماڻهو اگهبا آهن جن پنهنجي اهنڪار کي مٽايو آهي

سڀ‍ﺌﻲ سهاڳڻيون سڀني ڳچيءَ هار
پسڻ ڪارڻ پرين جي سهسين ڪن سينگار
ڍول تنين جي ڍار هيٺاهيون هلن جي



اصل ۾ ڪوب‍ه ماڻهو سنت يا مها پرش ڪنهن عهدي، ڏيکاءُ يا ماڻهن جي چوڻ سان ڪين ٿيندو آهي بلڪ‍ه پنهنجي رهڻي جي ڪري ٿيندو آهي ۽ ضروري اھو ن‍ه آهي ت‍ه سنت اهو آهي جيڪو سنت سڏاﺋﻲ ٿو ي‍ا پاڻ کي سنت ظاهر ڪر ي ٿو ي‍‍ا جنهن جي پٺيا ن گهڻا ماڻهو آهن پر شايد ڪوﺋﻲ سنت توهان جي وچ ۾ هوندو ۽ شايد توھاکي ان جي خبر ن‍ه هجي۽ اهي شايد پاڻ کي ظاهر ڪين ڪندا آهن- ج‍ﺌين شاھ عبداللطيف جو شعر آهي ت‍ه

ٻولي ٻجهارت جوڳيان سند ي ذات جو
ڏورڻ گهڻو ڏاکڙو هلڻ ۾ حيرت
عجب عبادت پھ پروڙڻ ان جو



ڇو ت‍ه جنهن وقت اسين ڏيکاءُ تي ڌيان ڏيندا آھيون ت‍ه شايد عمل جي اھميت اسان جي نظر ۾ گھٽجي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن اسين عمل ڪريو ن ٿا ت‍ه شايد ڏيکاءُ جي ضرورت ڪين آهي ۽ چوندا آھن ت‍ه ايشور کي ڏيکاءُ پسند ڪين آهي

سٽ‏ انين جو سڦرو ، جي پر ۾ پچاﺋين
آواز ارٽ‏ جو،ساه ن‍ه سڻاﺋين
لڪايو، لطيف چ‍ﺌﻲ، ڪنبيو ڪَتاﺋين
جي ماڻڪ موٽاﺋين، توءِ ملھ مهانگو ان جو

اها ڳالھ ب‍ه سمجھڻ تمام ضروري آهي ت‍ه چڱاﺋﻲ جو تعلق ٿوراﺋﻲ يا گهڻاﺋﻲ يا ڪون آهي جيترو توهانکان پهچي سو سٺي سوچ سان ڪريو

بڙ انام ڪس ڪام ڪا جو ڪسي ڪي ڪام ن‍ه آﺋﻲ
ساگر سي نديا بهلي جو سب ڪو پاني پلاﺋﻲ



جيڪڏهن اسين بهتر انسان ٿيڻ چاهيون ٿا ۽ پنهنجي سوچ کي بهتر بڻاﺋڻ چاهيون ٿا ت‍ه اسانکي نمرتا ۽ سادگي جا اهي گڻ آهست‍ه آهست‍ه پنهنجي جيون ۾ اپناﺋڻ گهرجن ۽ اها ﺋﻲ ارداس ڪرڻ گهرجي ت‍ه شل ايشور در قبول پ‍ﺌ‍ون

مون نماڻي مسڪين جي شل پوندي ٻاجھ پرين
ڪيو اٿم مان مڻن جو شل دڪو داخل ڪن
عيبن کان آجو ڪري منهنجي ڏوهن ڏي ن‍ه ڏسن
شل فضل سان پرچن جي م‍ﺌﻲ سان ڪرن ن‍ه مامرو



پنھنجو ۽ پنھنجي آس پاس جي ماڻھن جو خيال رکجو

سداﺋ‍ين گڏ