سکياﺋ‍ون

پر اپڪار


You can also listen to the audio



ھيٺيان جملا ڀاﺋﻲ روڙھا رام (ڀاﺋﻲ سترامداس جن جي ڀاﺋ‍يٽي) جي ڀڳت ڪنور رام جي جيو ن چرتر تي لکيل ڪتاب جي صفحي ٢٢ ۽ ٢٣ مان ورتل آھن

ھڪ دفعي ڪنھن مڙس کين(ڀاﺋﻲ سترامداس جن کي) وينتي ڪ‍ﺌﻲ ت‍ه کوھ کينکي تلعق‍ه اٻاوڙي جي ڀرسان پيريا کوري وٽ‏ ايتري ت‍ه رستي ۾ رڃ لڳل آھي جو ڪوھن ۾ پاڻي جو سھنج ڪون‍ه آھي – واٽ‍ھڙو مسافرن (ھندو مسلمان ڍيڍ چماڙ) وغيرہ کي ڪوب‍ه پاڻي پي‍ﺌڻ جو سھنج ڪون‍ه آھي جنھن ڪر ي جيو جنتر کي گھڻي تڪليف آھي خاص ڪر ي اونھاري ۾ ۔ يڪدم پاڻ سندورو ٻڌي - ڪيترا ماڻھو ساڻ ڪري ان جڳھ ڏانھن ويا ۽ برابر ھڪ مھينو اتي رھي بلڪل پڪو کوھ تيار ڪراياﺋ‍ون ۔ جنھن مان انيڪ ماڻھن – جيو جنتر – پکين جي پياس مٽاﺋﻲ جس کٽياﺋ‍ون – سموري وقت ۾ نت نيم سان ڪٿا ڪيرتن شبد ٻاڻي ٿيندو رھندو ھو – اھڙي طرح ھڪ پر١پڪار ٻيو ھر جس گڏو گڏ ڪري ڪماﺋﻲ ڪندڙن کي ڀڳت مڪت جا ڦل بخشياﺋ‍ون

سمجهاڻي

سنت بڙي پرمارٿي شيتلوا ڪي انگ
تپت بجهاوين اورن ڪي جو ديوين اپنا رنگ

چوندا آهن ته سنتن جو هردو ڪومل ٿيندو آهي ۽ نه صرف انسانن بلڪه سڀني جيون جو ڀلو ڪندا آهن

،ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو
،منجھس ڪاڪ ڪڪوري، منجھين لڊاڻو
،راڻو ئي راڻو، ريءُ، راڻي ٻيو ناھ ڪو

ڀڳت صاحب ڀائي سترام داس جن جي نظر ۾ پراپڪار جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هڪدم وڃي اتي پڪو کوهه ٺهرايائون . ٻي ڳالهه ته ڀڳت صاحب ڀائي سترام داس جن ڪرم جي سکيا ڏني نه ڪه ڪرامات جي سکيا ڏني آهي هن ڪٿا ۾ به ڀڳت صاحب ڪرم ڪري پراپڪار جو ڪم ڪيو آهي

هڪڙي ٻي ڳالهه جنهن جو تعلق پراپڪار سان ڪونه آهي

تتي ٿڌي ڪاہ ڪانهي ويل ويهڻ جي
متان ٿ‍ﺌ‍ي اونده جي پير ن‍ه لهين پرين جو

جيڪڏهن توهان جي لئه ڪو ڪم اهم آهي ته انکي اهميت ڏئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ڪوبه ڪم يا مسئلا ڪرڻ سان حل ٿيندا آهن نه ڪي گڏ ڪرڻ سان اسان جي معاشري ۾ اڪثر ماڻهو ڪجهه نه ڪري آسان زندگي چاهيندا آهن پر زندگي ڪم ڪرڻ سان آسان ٿيندي آهي جئين شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو شعر آهي ته

،پڇن سي پسن، جڏهن تڏهين پرينءَ کي
.ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا

پنھنجو ۽ پنھنجي آس پاس جي ماڻھن جو خيال رکجو

سداﺋ‍ين گڏ