سکياﺋ‍ون

عمل


اڄ اسين عمل تي لکنداسين ۽ هن ويبساﺋيت جو اصل مقصد ڀڳت صاحب جي جيو ن ما ن ڪجھ ڳالھيو ن لکڻ، سمجھڻ ۽ انھن تي عمل ڪرڻ آھي

ھيٺيان جملا ڀاﺋﻲ روڙھا رام (ڀاﺋﻲ سترامداس جن جي ڀاﺋ‍يٽي) جي ڀڳت ڪنور رام جي جيو ن چرتر تي لکيل ڪتاب مان ورتل آھن

سري سوامي سترامداس جن اڄ ننڍا سڀاڻ وڏا – ماٺ ۽ آنند ۾ گذاريندا ھ‍ﺌ‍ا- ۽ ج‍ﺌي‍ن ٿورو ٿورو وڏا ٿيا ت‍ﺌين گھڻو وقت پتا صاحبن جي حاضري ۾ جتي سنتن جي محفل لڳل ھوندي ھ‍‍ﺋﻲ اتي وڃي ويھندا ھ‍ﺋ‍ا - ۽ انھن جا وچن پريم سا ن ھنڊاﺋ‍يندا ھ‍ﺋ‍ا ڪنھن ڪنھن وقت ج‍ﺋ‍ين شيواداري کڻي گھماﺋ‍ڻ ويندو ھو ۽ ڪا شٔي وٺي ڏيندو ھو ن ت‍ه پھريا ن ا ن شيواڌاري جي مک‍ه ۾ اھا شئي وجھي ۽ جيڪي ويجھڙاﺋﻲ ۾ بيٺل ھوندا ھ‍ﺋ‍ا – انھن کي ٿورو ٿورو ڏي‍ﺋﻲ پوءِ پاڻ ب‍ه مک‍ه ۾ وجھندا ھ‍ﺋ‍ا ۔ آھستي آھستي ھر جس ۾ پريم وڌاﺋ‍يندا ويا۔


سمجھاڻي

مٿ‍ﺌين ڳالھ لکڻ جا ڪجھ‍ه سبب آ ھن پھرياﺋ‍ين ت‍ه اھو سمجھڻ تمام ضروري آھي ت‍ه ڪوب‍ه مھا پرش ان ڪري مھا پرش ٿيندو آھي جو اھي جيڪي چڱيون ڳالھيون ٻڌندا آھن ۽ انھن تي عمل ڪري ٻين جي لاءِ ھڪ بھترين مثال قاﺋ‍م ڪندا آھن ۔ ت‍ه ج‍ﺋ‍ين ٻيا ب‍ه اﺋ‍ين عمل ڪري پنھجو ۽ ٻين جو جيون بھتر بڻاﺋ‍ن ۔

ٻيو اسانجي معاشري ۾ عام تصور اھو آھي ت‍ه چڱا ڪم ڪرڻ شايد سنتن يا مھا پرشن جو ڪم آھي ۽ شايد اھوﺋﻲ سبب آ ھي جو اسانجي معاشري اخلاقي طرح ايتري ترقي ن‍ه ڪ‍ﺋﻲ آھي ۔ پر جيڪڏھن اسان ٿورو ٿورو پھنجو ڪردار ادا ڪريون ت‍ه گڏجي ڪري اسا ن گھڻن مس‍ﺋ‍لن کي حل ڪر ي سگھون ٿا۔

ٽ‍ﺋ‍ين سڀني کان اھم ڳالھ ت‍ه عمل ڪ‍‍‍ﺋ‍ين ڪجي ان جي لاءِ اھو سمجھڻ ضروري ڪوب‍ه مھاپرش ب‍ه ھڪ عا م انسان ھوندو آھي ۽ جيڪڏھن ڪو فرق ھوندو آھي ت‍ه اھو آھي عمل جو۔

چوٿين ڳالھ ڪاب‍ه ڳالھ ٻڌاﺋ‍ڻ کان وڌيڪ عمل ڪرڻ ضروري آھي – جيڪڏھن توھان ٻڌاﺋ‍ڻ تي ڌيان ڏنو ت‍ه عمل شايد ن‍ه ڪري سگھندؤ ۽ جيڪڏھن عمل ڪريو ٿا ت‍ه ٻڌاﺋ‍ڻ جي ضرورت ڪون‍ه آھي ۔

پڙھيو ٿا پڙھن ڪڙھن ڪين قلوب ۾
پاڻان ڏوھ چڙھن ج‍ﺌن ورق وراﺋ‍ين وترا


مٿ‍ﺌين ڳالھ ان ڪري لکي وﺋﻲ آھي ساﺋ‍ين جن ڪ‍اب‍ه چڱي ڳالھ ٻڌي من ۾ ھنڊاﺋ‍يندا ھ‍ﺋ‍ا ۽ ان تي عمل ڪري آھست‍ه آھست‍ه ا هي گڻ ڌارڻ ڪندا ھ‍ﺋ‍ا ۔ ۽ چڱي ڳالھيون ٻڌڻ جي لاءِ چڱو سڱ ضروري آھي ۔

ڪجھ عرصو پھرين مان پنھنجي نوڪري واري ڪمپني جي طرفان ڪرايل ھڪ گڏجاڻي ۾ ويس ان جو هڪ حصو اھو ب‍ه ھو ت‍ه ڪا شي اپناﺋ‍جي ڪ‍ﺌين – اھو سمجھاﺋ‍ڻ جي لاءِ وقفي کان پوءِ سيکاريندڙ استاد اسان سڀني جي ڪرسي جي ھيٺيان ھڪ ننڍڙو پٿر رکي ڇڏيو ان چيو ت‍ه ڪاب‍ه عادت اپناﺋ‍ڻ جي لاءِ پنھنجو پاڻ کي ياد ڪراﺋ‍ڻ ضروري ھوندو آھي جيڪڏھن توھان اﺋ‍ين ڪجھ عرصو اﺋين ڪريو ت‍ه اھا توھانجي عادت ٿي ويندي – ھاڻي اھو پٿر توھان پنھنجي کيسي ۾ رکي ڇڏيو جنھن ب‍ه وقت توھان ان پٿر کي ڇھو ت‍ه ان عادت کي اپناﺋ‍ڻ جي باري ۾ سوچيو – ٿوري وقت ۾ اھا توھانجي عادت ھوندي۔

مطلب ت‍ه ڪاب‍ه چڱي ڳالھ هڪدم توھانجي عادت ن‍ه ٿيندي ۽ ان جي لاءِ آھست‍ه آھست‍ه توھانکي اھا عادت اپناﺋ‍ڻي پوندي۔