سکياﺋ‍ون

سم درشٽ‏تا


You can also listen to the audio

ھيٺيان جملا ڀاﺋﻲ روڙھا رام (ڀا ﺋﻲ سترامداس جن جي ڀاﺋ‍يٽي) جي ڀڳت ڪنور رام جي جيو ن چرتر تي لکيل ڪتاب جي صفحي ٧٨ مان ورتل آھن

هڪ دفعي ڪنهن ڳوٺ ۾ سري سوامي ( ڀڳت ڪنور رام ) جن جو ڀڄن ٿي ٿيو -ڀڄن ۾ سوامي جن براجمان هوا ت‍ه هڪ ڍيڍ سندن درشن لاءِ ڀڄن ۾ آيو ٿي ماڻهن کيس ڍيڍ ڏسي روڪ ڪﺌﻲ هو ويچارو هڪ پاسي ويهي رهيو سوامي جن ڀڄن ۾ ڳاﺋيندا ڳاﺋيندا ان طرف ويا جتي ڍيڍ ويٺو هو ڍيڍ اتي بيهي نمشڪار ڪري پيري پوڻ لڳو – ماڻهن چيو ت‍ه ساﺋين هي ڍيڍ آهي ڍيڍ ب‍ه قبول ڪيو ت‍ه ساﺋين مان برابر ڍيڍ آهيان پر مان فقط ساﺋين جن جو درشن ڪرڻ آيو آهيان ماڻهو مونکي درشن کان روڪين ٿا سوامي جن اڳڀرو ٿي ان ڍيڍ کي کڻي ڀاڪر پاﺋﻲ ڳچي سان لڳايو

  سمجهاڻي

اڄ جي سمجهاڻي جي شروعات اسين شاھ عبداللطيف ڀٽاﺋﻲ جي هن شعر جي هن حصي سان ڪنداسين

ڏات ن‍ه آهي ذات تي جو وهي سو لهي



چڱاﺋﻲ يا ايشور در اگهڻ جو راز شايد ڪنهن انسان جي ذات تي منحصر ڪون آهي وري گرو گرنٿ صاحب جي واڻي آهي ت‍ه

رنگي رنگي ڀاتي ڪر ڪر جن سي مايا جن اپاﺋﻲ
ڪر ڪر ويکي ڪيتا اپڻا جي تس دي وڏياﺋﻲ



جيڪڏهن ايشورقسمن قسمين جون شيون يا انسان ٺاهيا آهن ت‍ه اها ايشور جي مهما آهي ان جو مقصد بلڪل اهو ڪون آهي ت‍ه اسين ٻين انسانن سان نفرت ڪريون يا انهن کي گهٽ‏ سمجهون

ان کان علاوه پاڻ کي چڱو سمجهڻ ۽ ٻين کي گهٽ‏ سمجهڻ اهنڪار جي نشاني آهي چوندا آهن ت‍ه ايشور کي اهنڪار پسند ڪون آهي

کوه سميون! ٻن سومريون! جي اچن اوچي ڳاٽ‏

ايشور در اها ﺋﻲ ارداس ڪرڻ گهرجي ت‍ه شل رهجي اچي

!جي مون موڙهي مت، ت‍ه تو ن پاڻ سڃاڻج سپرين
اصل اواين جا عيب ڍڪين تون ات
!اي پر! تنهنجي پت، ج‍ﺌن ولهيون ڍڪين ولها



پنھنجو ۽ پنھنجي آس پاس جي جيون جو خيال رکجو

سداﺋ‍ين گڏ