سکياﺋ‍ون

شيوا


You can also listen to the audio



ھيٺيان جملا ڀاﺋﻲ روڙھا رام (ڀا ﺋﻲ سترامداس جن جي ڀاﺋ‍يٽي) جي ڀڳت ڪنور رام جي جيو ن چرتر تي لکيل ڪتاب جي صفحي ٣٠ ۽٣١ مان ورتل آھن

شيوا جا روپ ھوا۔ انڌن منڊن لولن لنگڙن ۽ اڻ شڪتيوان پرشن جي شيوا پنھنجي ھٿن سان ڪندا ھ‍ﺌ‍ا۔

اھڙي طرح پسن پکين ۽ انھن ما ن جيڪي بيمار ھجن تن جي ب‍ه شيوا ڪندا ھ‍ﺌ‍ا۔ شيوا جي قيمت ڏيکارڻ لاءِ ھڪ دفعي ڀاﺋﻲ روڙا رام پنھنجي ڀاﺋيٽي کي دير سا ن اٿي شيوا ڪرڻ تي فرماياﺋ‍ون ت‍ه

شيو ا سڀني ڀڄنن جو مول آھي شيوا ۾ جن جو پريم آھي تن کي بنا يتن جي پڙھڻ ۽ لکڻ جلد اچي ويندو آھي

  سمجھاڻي

ھٿن سان ھاج ڪر مک سا ن نام ڌياءِ
پگھر جي پورھ‍ﺌﻲ مان ڪجھ بکين کي کاراءِ
ٻ‍ﺌﻲ سانگ رساءِ ت‍ه خوش ھوندين خانو چوي



منھنجي ننڍڙي سمجھ جي مطابق شيوا جا سڀ ف‍اﺋ‍دا سمجھاﺋ‍ن تمام مشڪل آھي پر اسين ا ن ڳالھ جي باري ۾ ن‍ه لکنداسين ڇوت‍ه بنا ڪنھن فاﺋ‍دي جي شيوا ڪرڻ ﺋﻲ شايد اصل شيوا آھي ۽ شايد اھي سڀ ڳالھيو ن اسا ن جو فرض آھن ان جو مقصد صرف اھو ن‍ه آھي ت‍ه اسان وڃي مندرن ۾ شيوا ڪريون ي‍ا وڃي رھون ڇوت‍ه

تيرٿ تپ ديا دت دان جي ڪو پاوھ تل ڪا مان



ان جي لاءِ اھو ضروري آھي ت‍ه اسان پھرين پنھنجي گھر وارن جو خيال ڪريون پوءِ پنھنجي اوڙي پاڙي وارن ۽ مٽن ماﺋ‍ٽن جو

شيوا ڪرت ھوت نھڪامي تس تي ھو ت پراپت سوامي



انگريزي ۾ بيت آھي ت‍ه



I sought to hear the voice of God
and climbed the topmost steeple
but God declared
"Go down again – I dwell among the people"


۽ شاھ عبداللطيف ڀٽاﺋﻲ جو شعر آھي ت‍ه

پاڻھي پسي پاڻ کي پاڻھي خلقي خوب
پاڻھي طالب تن جو پاڻھي ﺋﻲ محبوب


اھا ڳالھ ب‍ه سمجھڻ تما م ضرور ي آھي ت‍ه ايشور پنھنجي بندن کي ڪون ڇڏيندو آھي ڪم اڳي پوءِ سڀني جا ٿي ويندا آھن پر شيوا يا ڪنھن جي ڪم اچڻ جو جس ايشور ڪنھن ڪنھن کي ڏيندو آھي

انھي جي لاءِ اسان ايشور در اھا ﺋﻲ ارداس ڪريون ت‍ه اسا نکي سمجھ ڏﺋﻲ ت‍ه اسان ڪنھنجي ڪم اچي سگھون ڇوت‍ه

اوھ جاگي جس آپ جگاوي اور ن‍ه جاگي ڪوءِ

۽ شاھ عبداللطيف ڀٽاﺋﻲ جو شعر آھي ت‍ه

وکر سو وھ‍اءِ جو پ‍ﺌﻲ پراڻو ن‍ه ٿ‍ﺌﻲ
ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿ‍ﺌﻲ ن‍ه ضاءِ
سا ڪا ھڙ ھلاءِ، آڳه جنھن جي ابھين



ضروري ن‍ه آھي ت‍ه شيوا صرف ھڏن سان ڪم ڪرڻ ي‍‍ا مالي مدد آھي ڪنھن سان سٺو ھلڻ ۽ صحيح راھ ڏيکارڻ ب‍ه شيوا آھي ۽ جيترو توھان کان پڄي پر سوچ سٺي ھجڻ گھرجي ڇوت‍ه

چ‍اﺋ‍ت پاﺋﻲ چت ۾ سنھو ڪَتو جن
تن جو صرافن دڪو داخل ن‍ه ڪيو


پر

محبت پاﺋﻲ من ۾ رنڍا روڙيا جن
تن جو صرافن اڻ توريو اگھايو


۽ آخر ۾ ايترو ﺋﻲ لکندس ت‍ه

پوکڻي اٿ‍ﺌﻲ ت‍ه پوک ن‍ه ت‍ه ويندءِ ويل ٽري
پاڻي ٿيندءِ پوﺋڙو سڪي ٿيندءِ سوڪ
جت لڻندو سڄو لوڪ اتي سڪندينءَ تون سڱ ل‍ﺌ‍ه



پنھنجو ۽ پنھنجي آس پاس جي ماڻھن جو خيال رکجو

سداﺋ‍ين گڏ