انتريامتا
ھيٺيان جملا ڀاﺋﻲ روڙھا رام (ڀاﺋﻲ سترامداس جن جي ڀاﺋيٽي) جي ڀڳت ڪنور رام جي جيو ن چرتر تي لکيل ڪتاب جي صفحي 48 ۽ 49 مان ورتل آھن
هڪ دفعي سوامي جن (ڀاﺋﻲ سترام داس جن) نﺌون ڪوٽ جي ڳوٺ سندن ڳوٺ کان اٽڪل ميل پنڌ تي آهي ويا جو سندن برادري جو هڪڙو ماڻهو ڀاﺋﻲ شيوارام سخت بيمار هو ان جي سخت حالت ڏسي سندس استريءَ برادري وارن جي صلاح سان خيال ڪيو ته اڄ کاﺋن دستور موجب ڌرم ڪراﺋجي سوامي جن چيو ته اڄ گيارس جو ڏينهن آهي اُن دان گيارس ڏينهن نه ٿيندو آهي سڀاڻي دان ڪراﺋجوس انهي صلاح موجب دان جو ڪم سڀاڻي تي رکيو ويو قدرت ايشور جي ڀاﺋﻲ شيوارا م جﺌين پوءِ تﺌين سخت بيمار پوندو ويو
آخر رات جو ١٠ بجي ڌاري سرير ڇڏياﺋين ڪٽنب ۽ زالن ۾ گهڻو چﺌوٻول ٿيو ته شيوارام هيتري پدارٿ وارو ماڻهو هو تنهن به ڌرم پڃ پڇاڙي جو ڪون ڪيو ۽ اهڙا پار زالون ڪڍڻ لڳيون سوامي جن ويچار ڪيو ته اهو دا ن پڃ جو ڪم اسانجي چوڻ تي ٻﺌﻲ ڏينهن تي مهمل ٿيو تنهنڪري شيوا را م جي مردي سرير اڳيان امرت ويلي ويهي هڪ سڏ ڪيو ٻيو سڏ ڪيو پر آواز نه آيو ٽﺌين سڏ سان ڪر موڙي آواز ڪياﺋين ۽ چياﺋين جيءُ ساﺋين سوامي جن پنهنجو هٿ سندن پٺن تي ڏيﺌي اٿاري وهاريو پوءِ هو ڪنهن به آڌار ڌاران ويهي رهيو ۽ هٿ جوڙي عرض ڪياﺋين ته جيڪو حڪم ڪريو سوامي جن چيو ته نيتي موجب جيڪو ڌر م ڪبو آهي سو تو نه ڪيو آهي هاڻي اهو ڪر – هن مس قلم ۽ پنو گهريو جو شيوادارين آندو پوءِڀاﺋي شيوارا م ڌر م پڃ برادري وارن کي لکايو جڏهن اهو ڪم لهي ويو تڏهن سوامي جن کان آگيا گهرياﺋين ته ساﺋين هاڻي موڪل ڏيو سوامي جن چيس ته جيڪا اوهان جي مرضي اهڙيءَ ريت آگيا پاﺋﻲ وري سمهي رهيو ۽ سرير جو تياڳه ڪياﺋين