ڪٿاﺋ‍ون

ڀاﺋﻲ چانڊو رام صاحب جن جو موڪلاﺋ‍ڻ لاءِ اچڻ


ھيٺيان جملا ڀاﺋﻲ روڙھا رام (ڀاﺋﻲ سترامداس جن جي ڀاﺋيٽي) جي ڀڳت ڪنور رام جي جيو ن چرتر تي لکيل ڪتاب جي صفحي15 ۽ 16 مان ورتل آھن

سوامي جن (ڀڳت ڪنور رام) جڏهن انب ۽ کارڪون وڪري لاءِ گهوٽڪي کان آڻيندا ھ‍ﺌ‍ا تڏهن هڪ دفعي ڀاﺋﻲ چانڊو رام صاحب جن جي پورن درويش گهوٽڪي ۾ رهندا ھ‍ﺌ‍ا سي سوامي جن کان موڪلاﺋ‍ڻ لاءِ ڳچ پنڌ ٻاهر آيا ۽ جڏهن موڪلاﺋﻲ ھليا ته واٽ‏ تي ڪي پريمي گڏين جن پڇيو ته ساﺋ‍ين ايترو پري ڪيڏانهن ويا ھ‍ﺌ‍ا – جواب ۾ ڀاﺋ‍ي چانڊو رام صاحب جن فرمايو ته ڪنوررام سان موڪلاﺋ‍ڻ لاءِ اڳڀرو ٿياسين انهن چيو ته ٻالڪ سان اوهان صاحب ايترو پنڌ ڪري آيا آهيو فرماياﺋ‍ون ته هن وقت برابر ٻالڪ آهي پر ڪو وقت ٿيندو جو ساري سنڌ جا نر ناريون کين پيرين پوندا ۽ نمندا