ڪٿاﺋ‍ون

ڀڳت ڪنور را م صاحب جن جي جنم جي ڪٿا


ھيٺيان جملا ڀاﺋﻲ روڙھا رام (ڀاﺋﻲ سترامداس جن جي ڀاﺋيٽي) جي ڀڳت ڪنور رام جي جيو ن چرتر تي لکيل ڪتاب جي صفحي8،7 ۽ 10 مان ورتل آھن

ڀاﺋﻲ کوتارا م جن (ڀاﺋﻲ سترا مداس صاحب جن جا پتا) وهنوار ۽ پارمارٿ ٻ‍ﺌﻲ هلاﺋيندا - پنهنجو نت نيم ڪندا رهندا ھ‍ﺌ‍ا هڪ دفعي ڪنهن پريمي عرض ڪيو ته جروار ۾ جيڪر دڪان کولجي پر صاحب جن کين رخ نه ڏيکاريو وري پريمي جي گهڻي ستاﺋڻ تي ڪجھ وقت بعد جروار ۾ دڪان کولياﺋون اتي پاڻ دڪان هلاﺋيندا ھ‍ﺌ‍ا

رهڙڪي وارو دڪان سندن وڏو پٽ‏ ڀاﺋﻲ سهجرا م هلاﺋيندو هو۔ جروارن واري دڪان تي ستسنگ جونيم به گهڻو ھو ان دڪان تي ڀاﺋﻲ تاراچند جروارن ڳوٺ جو ويٺل تنهنجي ڌرم پتني صبح جو سويل ٻهاري پاﺋﻲ روز پاڻي جا گهڙا ڀري رکندي ھ‍ﺋﻲ ۽ شام جو به اهڙي طرح شيوا ڪندي ھ‍ﺌﻲ۔ هڪ دفعي ڀاﺋﻲ صاحب جن ماﺋﻲ صاحب جن کان پڇيو ته ماتا اوھان هي ستسنگ جي شيوا ڪريو ٿا سو ڪهڙ ي ڪامنا اٿو۔ ماتا صاحب اکين ۾ پاڻي آڻي هٿ ٻڌي ادب سان عرض ته پٽ‏ ڪون اٿم گهڻا ﺋﻲ پير فقير ڀيٽيا اٿم پر اڃان ڪو چاڙهو ڪون ٿيو آهي ۔ توهان صاحب رحم ڪري وچن فرمايو ڀاﺋﻲ صاحب ديا جا ساگر ا ن وقت سهجھ سڀاؤ چ‍ﺌﻲ ويٺا ته ماتا توکي پٽ‏ ٿيندو جيڪو ساري جڳ جو جس کٽيندو سارو جڳ ا ن جو محتاج ٿيندو پر اهو ڪڪو ڏج اسانکي ماتا صاحب ور وٺي بلڪل خوش ٿي ۽ اڳتي به پريم سان شيوا ڪندي رهي

هڪ دفعي پنهنجي (ڀاﺋﻲ کوتارام جن جي) ڌوڪڙ جي شادي تي جروار مان لنگهڻ ٿيو اتي ڀاﺋﻲ تاراچند پنهنجو ٻالڪ جو ھڪ مهيني کن جو مس ه‍ﺌوهنج ۾ کڻي انهي ڀاﺋﻲ صاحب جن کي مٿو ٽيڪيو ۽ چياﺋين ته هن ٻالڪ تي ديا جو هٿڙو گهمايو ۽ نالو رکوس اوهانجو بخشيش ٿيل آهي۔

ڀاﺋﻲ صاحب جن هڪدم ٻالڪ کي هنج ۾ کڻي اکيون بند ڪري ڀڳوان جو ڌيان ڌري ان ٻالڪ تي ديا جو هٿڙو گهمايو ۽ سندس نالو ڪنور رکي پٺي ٺپري فرمايون، ته ڪنور ٻچا سداﺋين خوش هوندين – ڀاﺋﻲ تاراچند کي فرماياﺋون ته ٻالڪ جو نالو ڪنور انهي ڪري رکيو ويو آهي – جو سداﺋين ڪنول جي گل وانگر ٽڙيوخوشبودار رهندو ، اهڙي ٻالڪ کي آسيس ڏي‍ﺌﻲ ڀاﺋﻲ صاحب جن اڳتي پنهنجي ڪارج سان ويا۔

جنني جني توهر جن يا داتا يا سور
اور جنني جو جني سوسڀ ڌوڙڪا ڌوڙ