جنم جي ڪٿا
ھيٺيان جملا ڀاﺋﻲ روڙھا رام (ڀاﺋﻲ سترامداس جن جي ڀاﺋيٽي) جي ڀڳت ڪنور رام جي جيو ن چرتر تي لکيل ڪتاب جي صفحي ١٧،١٨ ۽ ١٩ مان ورتل آھن
سري سوامي سترامداس صاحب جن ڀڳت صاحب ڀڳت کوتارام صاحب جن جا ٽيون نمبر پٽ
ﮬﺌﺎ
۽ سندن جنم سنبت ١٩٢٣ ۾ ٿيو اُنهيءَ سنبت ۾ هڪ شام جو مند مند سڳنڌي هوا
ﭘﺌﻲ لڳي بادل ب؍ گجڪار ڪرڻ لڳا ۽ ٿوري ٿوري بوند برسات جي ب؍ پﺌﻲ وسي ت؍ آسمان ۾ انڀﺌﻲ آواز ٻڌڻ ۾ پﺌﻲ آيا ڄڻ ديوتاﺋن ۽ گنڌرپن باجا وڄاﺋﻲ گانو پﺌﻲ ڪيو اُنهي جي انبرت ويلي مهل اٽڪل 4 بج؍ وسپت ڏينهن ڀاﺋﻲ کوتارام جي گهر ۾ هڪ سندر ٻالڪ اتپن ٿيو ڀاﺋﻲ صاحب جن چت ۾ مٿيون علامتون ڏسي ويچاريو ت؍ هيءَ ڪو ڀڳت جن آهي اُن ڪري سندن نالو صاحبن جي ٻاڻيءَ مان رکڻ کپي انهيءَ ڪري سکمني صاحب مان پرماتما جو ڌيان ڌاري واڪ ورتاﺋون ت؍ هيٺيون واڪ نڪتو
جسڪي من پار برهم ڪا نواس
تسڪا نام سترامداس
اُن واڪ وٺڻ بعد ڀاﺋﻲ صاحب جن وري ب؍ انتر ڌيان ٿي ڪجھ وقت ماٺ ۾ رهيا ت؍ انڀﺌﻲ آواز سندن دل ۾ ٻڌڻ ۾ آيو سترامداس – اهڙيءَ طرح انڀﺌﻲ واڪ ۽ سکمني صاحب جي واڪ موجب اُن ٻالڪ جو نالو سترامداس رکياﺋون
-
پرگهٽ ڪياﺋون
سري سوامي سترامداس جن جنم کان پوءِ پهريان ٽي ڏينهن ماتا جي ٿڃ اصل ن؍ ورتي ۽ جﺌين ماتا پنهنجي پتيءَ ڀاﺋﻲ صاحب ڀاﺋﻲ کوتارام صاحب جن سان اها ڳالھ ڪﺌﻲ تڏهن ڀاﺋﻲ صاحب جن کين هنج ۾ کڻي ويچاريو ت؍ هيءُ ٻالڪ ڪو اڳﺌين جنم جو تپسي ٿو ڏسجي جو متان کيس مايا جو موه وٺي وڃي ان ڊپ کان ٿڃ ب؍ نٿو وٺي
تنهن ڪر ي کيس ڪن ۾ چياﺋون ت؍ ابا تو جو خيال پنهنجي دل ۾ ڪيو آهي ت؍ مايا مونکي ويڙهي ويندي سو ڇڏي ٿڃ وٺ ڇوت؍ هي ب؍ ڀڄن جي جاءِ آهي ۽ سرير جو پالڻ پوشڻ کاڌي کانسواءِ ٿي ڪون؍ سگهندو ۽ ٿڃ وٺڻ سان ديوي سمپدا جا گڻ جهڙيءَ طرح ڀڳتي ڀاءُ پراپڪار نشڪام شيوا آدڪ گڻ پيدا ٿيندا ۽ پنهنجي اڳﺌين جنم جو رهيل ڪم پورو ڪندين ۽ وقت ڀڄن ۾ گذرندو
ان کان پوءِ يڪدم ٿڃ وٺڻ شروع ڪياﺋون ۽ماتا پريم سان شيوا ڪندي رهي