ڪٿاﺋ‍ون

ڪنول جا گل


چوندا آهن ته ڪنول جو گل سدائين ڪيچڙ کان مٿي هوندو آهي ۽ سنت يا مها پرش به ڪنول جي گلن جيان نيارا هوندا آهن

هن سنسار ۾ انسان ڏک ۽ تڪليفون ڏسندو آهي پر شايد ان کان وڌيڪ اهواهم اهي ته توهان پنهنجي سمجهه سان انهن ڳالهين کي ڪئين حل ڪريو ٿا ۽ ڪنول جي گل جيان نيارا ٿيون ٿا

ان ڳالهه کي وڌيڪ بيان ڪرڻ جي لاءِ مان ڀڳت صاحب ڀائي سترام داس جن جي جيون جي هي ٻڌل ڳالهه ٻڌائيندس ته ڀڳت صاحب ڀائي سترام داس جن جي ڏينهن ۾ ڪيترا ئي درويش رهڙڪي صاحب ۾ رهندا هئا ۽ انهن جي شيوا ۽ سار سنڀار ٿيندي هئي هڪ دفعي ڀائي سترام داس صاحب جن کي ڪنهن پريمي اچي ٻڌايو ته سائين هڪ درويش هر روز هڪ حقو ڀڃندو آهي ۽ انهن ان درويش کي سمجهايو ته توهان ائين نه ڪريو پر ان هڪ به نه ٻڌي ۽ حقا ڀڃندو رهيو

چوندا آهن ته ڀڳت صاحب ڀائي سترام داس جن انکان پوءِ حقن جوهڪ سڄو ڪمرو ڀرائي ڇڏيو ۽ جڏهن ان درويش کي اها خبر پئي ته پوءِ ان حقو ڀڃڻ بند ڪري ڇڏيو

ساڳئي طرح زندگي ۾ هر انسان ڏک يا تڪليفون ڏسندو آهي پر ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته اسان انهن مشڪلاتن کي ڪئين حل ڪريون ٿا اسان کي به انهن ڳالهين ۾ الجهڻ کان وڌيڪ اهو سوچڻ گهرجي ته انهن معاملات کي ڪئين سٺي نموني حل ڪريون ۽ اسان تنگ نظري کان ڪم نه وٺون ۽ زندگي جون تڪليفن کان وڌيڪ اهم اسان جوحل ڪرڻ جو رويو آهي