ڪٿاﺋ‍ون

سنتن ۽ درويشن ۾ پريم


ھيٺيان جملا ڀاﺋﻲ روڙھا رام (ڀاﺋﻲ سترامداس جن جي ڀاﺋيٽي) جي ڀڳت ڪنور رام جي جيو ن چرتر تي لکيل ڪتاب جي صفحي32 ۽ 33 مان ورتل آھن

سامي (ڀاﺋﻲ سترام داس) جن جو سنتن ۽ درويشن سان پريم هوندو هوجتي جتي ويجهڙاﺋﻲ ۾ سنتن يا درويشن جو ٻڌندا ھ‍ﺌ‍ا اتي اتي پرساد کڻي ويندا ھ‍ﺌ‍ا ۔ اهڙي طرح روح رهاڻ ڪر ي واپس ايندا ھ‍ﺌ‍ا

هڪ دفعي سندن خيال ٿيو ته ڀڳتين ۾ وڃڻ سان سنتن ۽ درويشن وٽ‏ وڃڻ سان گهڻو ناماچار ٿ‍ﺌﻲ ٿو تنهنڪري10 – 15 شيواداري ساڻ ڪري اﺋ‍ين ﺋﻲمهاتماﺋ‍ن جي درشن لاءِ نڪري پيا۔

سڀني کي چ‍ﺌﻲ ڇڏياﺋ‍ون ته ڪنهن سان به ڳالھ نه ڪن ته اسين ڪير آهيون اهڙي طرح سادو لباس ڪري سير تي نڪر ي پيا۔ مهراب پور اسٽيشن تي لهي بهلاڻي ڳوٺ ڏانهن هليا اتي هڪ گهوٽڪيءَ جي رهندڙ برهمڻ سڃاتو ۽ رسوﺋﻲ مڃاﺋﻲ۔ ماڻهن کي جو خبر پي‍ﺌﻲ سي يڪدم گهڻي انداز ۾ درشن وغيره لاءِ پرساد کڻي اچڻ لڳا پنچاﺋ‍ت به آﺋﻲ۔ سوامي جن برهمڻ ديوتا کي چيو ته اسان سنتن جي ديدار لاءِ اڻ معمولي نڪتا ہ‍ﺌ‍‍ا سين سون توہان هي ڇا ڪيو۔

قصو ڪوتاه جو ماڻهن جي پريم کي ڏسي سوامي جن انهن کي شبد ڪيرتن سان راضي ڪيو پوءِ هالاڻي درٻار ۾ آيا اتي ٻاﺋﻲ ڪشنداس صاحب سان اچي گڏيا ۔جنهن کي ٻاﺋﻲ ڌيان داس چيو ته هي ڀڳت سترام داس آهي تنهن تي ٻاﺋﻲ صاحب وڏي پريم سان سوامي جن سان ڀاڪر پاﺋﻲ گڏيا ۽ گهڻو وقت پاڻ ۾ روح رهاڻ ڪياﺋ‍ون پوءِ ڪجھ وقت اتي رهي پيا۔ روح رهاڻ ۽ روزانو ست سنگ ٿيندو هو۔ سوامي جن ٻاﺋﻲ کي چيو ته درٻار جي جڳهين ٺهڻ جو ڪم هلي ٿو ان ۾ هڪ جڳھ ٺهڻ جي شيوا اسان تي رکو۔ گهڻي بحث مباحثي کانپوءِ ٻاﺋﻲ صاحب قبول ڪيو۔ اتي سوامي جن سڀني پاڻ سان آيل سنگتين ۽ شيوادارين کي ڪم ۾ لڳايو ۽ سري سوامي ڪنوار رام صاحب جن به انوقت ساڻن گڏ هوا تن کي گارو ڇڪڻ لاءِ مقرر ڪيو

اهڙي طرح سنتن ۾ پريم ڪر ي شيوا ڪ‍ﺌﻲ ۽ ڪراﺋﻲ۔ نمرتا جو انگ پنهنجو مثال ڏي‍ﺌﻲ ڏيکاريون۔