ڪٿاﺋ‍ون

ٽيهڙ جو تپ لاهڻ


ھيٺيان جملا ڀاﺋﻲ روڙھا رام (ڀاﺋﻲ سترامداس جن جي ڀاﺋ‍يٽي) جي ڀڳت ڪنور رام جي جيو ن چرتر تي لکيل ڪتاب جي صفحي ٢٨ ۽ ٢٩ مان ورتل آھن

هڪ دفعي جي ڳالھ آهي ت‍؍ سوامي جن (ڀاﺋﻲ سترام داس) جن ٽولي سميت پنجو ديري ڳوٺ ٿي ويا ريل ۾ هﺌ‍ا ت‍؍ مديجي اسٽيشن تي هڪ ماڻهو گاڏيءَ ۾ چڙهيو جنهن سوامي جن کي سڃاڻي عرض ڪيو ت‍؍ ساﺋين مونکي ٽي‍ﺌڙ تپ ايندو آهي ڪمزور ٿي ويو آهيان گذران ب‍؍ ڪري ن‍؍ ٿو سگهان سو ڪرپا ڪري ڪو وچن فرمايو ج‍ﺌين منهنجو دک‍؍ ب‍؍ نورت ٿ‍ﺌﻲ ۽ روزگار ب‍؍ ڪريان سوامي جن سدا ديال هڪدم انکي ڀاڪر پاﺋﻲ چياﺋ‍ون ت‍؍ ابا اڄ کان وٽي اسان تنهنجو ٽيهڙ جو تپ پاڻ وٽ‏ رکيو ٿيو اﺋين ان سواليءَ کان تپ ان ڏينهن کان لهي ويو ۽ هو خوش ٿيندو ويو ۽ وڃي پنهنجو روزگار ڪرڻ لڳو هوڏانهن سوامي جن کي ان ڏينهن کا ن وٺي تپ شروع ٿيو جو ٽ‍ﺌين ٽ‍ﺌين ڏينهن ايندو هون ۽ ڪيترا وارا پاڻ سهاري سري گرو امرداس صاحب جن جي ڀاﺋﻲ لعلو رام واري ساکيءَ جي ڪٿا ٻڌي پاڻ کان سريرڪ تڪليف ڇڏاياﺋ‍ون