ھيٺيان جملا ڀاﺋﻲ روڙھا رام (ڀاﺋﻲ سترامداس جن جي ڀاﺋيٽي) جي ڀڳت ڪنور رام جي جيو ن چرتر تي لکيل ڪتاب مان ورتل آھن
ڀڳت صاحب ڀاﺋﻲ سترامداس جن جي رھڻي بلڪل سادي ڌوتي ۽ ڪرتو بدن تي مٿي تي سادي ٽوپي يا ڀڳت ۾ وڃڻ ته چيري جي پڳه. گذرا ن پھنجو ھٽ جي ڪرت تي کاڌو سندن بلڪل سادو ۽ مھمان نوازي ايتري قدر ته ھوندي ھﺋﻲ جو جيڪو ايندو ھو سو ذات پات جي ڀيد کانسواءِ رسوﺋﻲ پاﺋﻲ ويندو ھو. پنھنجي ڀنڊاري ۾ ڪابه ٻاھرين پرمارٿ ۾ مليل چيز ڪڏھين به نه آڻيندا ھوا ۔ ۽ اھو ﺋﻲ اپديش ٻين کي ڪندا ھﺋا۔
سمجھاڻي
پڙھڻ ۾ ته ھي تمام ننڍڙي ڳالھه آھي پر حقيقت ۾ جيڪڏھن اسان اھو ھڪ گڻ اپنايون ته اسان جي زندگي جا گھڻا مسﺋلا حل ٿي وڃن ۔ ڇو ته اڄڪلھ اسان پنھنجي زندگي کي غير ضروري خواھشن جي سبب مشڪل بناﺋﻲ ڇڏيو آھي. انهي کان علاؤہ وڏو نقصان اھو ٿيندو آ ھي ته اسان غير ضروري شين کي اھميت ڏيڻ شروع ڪندا آ ھيون جيڪي اسانکي اسانجي اصل مقصد ڌيان ھٽاﺋﻲ ڇڏينديو ن آھن
سادگي نه اپناﺋڻ جو ھڪ ٻيو سبب ڏيکاءُ آھي . اڄڪلھه اسا ن پنھنجي اندر جي خوشي ٻين ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا آھيو ن. اھا اُھا خواھش آھي جنھن جو انت ڪونه آھي. ۽ اھو سڀ ڪنھن جي لاءِ ۽ ڪھڙي قيمت تي. جيڪڏھن توھان ڏيکاءُ نه ڪريو تہ توھان کي خبر پوندي ته اصل ۾ اوھان جو اصل دوست ڪير آھي. ۽ ان جي لاءِ ڏيکاءُ جي ضرورت ڪونه آھي. جيڪا توھان کي داﺋمي خوشي ڏيندي
ٻيو ڪوشش ڪري پنھنجي محنت جي ڪماﺋﻲ تي گذر سفر ڪريو منھنجو مقصد بلڪل اھو نه آھي ته توھان اﺋين ڪونه ڪندا آھيو پر جيڪڏھن ڀڳوان توھانکي ان قابل ڪيو آھي ته ڪنھن پنھنجي اوڙي پاڙي مٽ ماﺋٽ جي ڪم اچو. اھا ننڍڙي ڳالھه توھانکي سٺو محسوس ڪراﺋيندي. جيڪا نه صرف توھانجي خوشي ۾ اضافو ڪندي ڇوته توھانجي چوڌاري خوشي ھوندي
اڄ جي آخري ڳالھه جيڪا سڀني کان ضروري آھي اھا انھن ڳالھين تي عمل آھي. ان جي لاءِ شاہ عبداللطيف ڀٽاﺋﻲ جو هي شعر لکان ٿو
جئن جئن ورق ورائين، تئن تئن ڏٺو ڏوھ؛
. تنھن ڪھڻيءَ ڪبوڪوھ؟ جي رھڻيءَ رھيو نہ سپرين