سکياﺋ‍ون

ڏيکاءُ نه ڪرڻ ۽ وچن کڻڻ


ھيٺيان جملا ڀاﺋﻲ روڙھا رام (ڀاﺋﻲ سترامداس جن جي ڀاﺋيٽي) جي ڀڳت ڪنور رام جي جيو ن چرتر تي لکيل ڪتاب جي صفحي 6١ ۽ 62 مان ورتل آھن

هڪ دفعي ٻاراڻي اوسٿا ۾ سري سوامي جن (ڀڳت ڪنوررام) جن کي سري سوامي سترامداس جن پيرن کي انگوڇي سان مهٽندو ڏٺو ۽ کين چياﺋ‍ون پيرن کي پيو مهٽين ڇا لوڪن کي پنهنجي سونهن صفاﺋ‍ﻲ تي موهت ڪرڻو اٿ‍ﺌﻲ ڇا

اهي لفظ سري سوامي جن ڌارڻ ايتري قدر ڪيا جو وري ڪڏهين به پنهنجي حياتي ۾ پيرن کي نه اگهياﺋ‍ون - ۽ سنان کان پوءِ هميشه آلا پير جتيءَ ۾ وجهندا ه‍ﺌ‍ا – هميشه ستگرن جي سنگ ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪندا ه‍ﺌ‍ا - ۽ پرڀو جي پياس دل ۾ اٺ‍ﺌ‍ﻲ پهر رهندي ه‍ﺌ‍ﻲ ۔ ڪوشش ڪندا ه‍ﺌ‍ا ته ج‍ﺌ‍ين ستگر سداﺋ‍ين پرسن رهن ڇوته ستگرن سان پرسنتا ﺋﻲ ڪارڻ آهي پرڀو سان ميلاپ جو- ڪڏهن به دوش درشٽ‍ي ستگرن ۾ ڪان آنداﺋ‍ون ۽ کين برهما وشن ۽ مهيش ڄاڻندا ه‍ﺌ‍ا- ۽ سداﺋ‍ين سندن مورت هردي ۾ ڌارڻ ڪندا ه‍ﺌ‍ا ۽ سندن گڻ ﺋ‍ي گڻ پيا ورنن ڪندا ه‍ﺌ‍ا۔

سمجهاڻي

مان پڇن ﺋ‍ﻲ سپرين چتان لاءِ مَ چ‍ر
انين جا امر کڻ ته خالي نه ٿ‍ﺌ‍ين

اڄ جي ڳالهه لکڻ کان پهرين مو ن ڪيترا دفعا سوچيو ته ڇا پيرن کي اگهڻ ڪا وڏي ڳالهه آهي شايد نه

پر منهنجي ذهن ڪجھ ڳالهيون آيون جن مان هڪ ته ڏيکاءُ نه ڪرڻ گهرجي پر اهم ڳالھ شايد وچن کڻڻ آهي ج‍ﺌ‍ين گرنٿ صاحب ۾ واڻي آهي ته

مت وچ رتن جواهر ماڻڪ جي اڪ گر ڪي سک سڻي



۽ شاھ عبداللطيف ڀٽاﺋﻲ جو بيت آهي ته

هي ٿو وڃي هوت، آﺋ‍ون ڪِ اڳڀري ٿيان
متان چوء بلوچ ،ڪميڻي مان ڪين ٿيو



اگر غور سان سوچيون ته شايد اسان مان گهڻا ڀاﺋﻲ سترامداس يا ڀڳت ڪنور رام کي هڪ سٺو انسان سمجهندا آهيون پر اسان مان گهڻا ان مان ڪجھ سکڻ يا پراﺋ‍ڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ۽ هي مثال هڪ شيوڪ يا مڃيندڙ جي لاءِ هڪ سٺو مثال آهي ۔ شايد ڳالھ ننڍي يا وڏي وچن جي ڪون آهي پر شايد وچن کڻڻ جي آهي ليکڪ جو مقصد هر گز اهو ڪون آهي ته اڄ کان توهان پير نه اگهيون پر ڏيکاءُ نه ڪرڻ ۽ انهن جي سکياﺋ‍ن تي عمل ڪرڻ سان شايد اسانجو معاشرو بهتر ٿ‍ﺌ‍ﻲ ۽ اسان هڪ بهتر زندگي گذاريون

آخر ۾ ايترو ﺋﻲ لکندس ته

پڇن سي پسن جڏهن تڏهن پرين کي
ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا۔



پنھنجو ۽ پنھنجي آس پاس جي ماڻھن جو خيال رکجو

سداﺋ‍ين گڏ