سکياﺋ‍ون

ايڪتا


ھيٺيان جملا ڀاﺋﻲ روڙھا رام (ڀاﺋﻲ سترامداس جن جي ڀاﺋيٽي) جي ڀڳت ڪنور رام جي جيو ن چرتر تي لکيل ڪتاب جي صفحي ٩٠، ٩١ ۽ ٩٢ مان ورتل آھن

هڪ دفعي قادرپور تعلقه گهوٽڪي ۾ سوامي جن (ڀڳت ڪنور را م جن) جو وڃڻ ٿيو اتي پن‍ﺌ‍چ‍ات جون ٻه ڌريون هيون – انهن ۾ ايڪتا آڻڻ لاءِ ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌاﺋ‍ون- کين ٻڌندي خبر پ‍ﺌﻲ ته ڪهڙن مانهن هي ونجوڳ پيدا ڪيو آهي – پن‍ﺌ‍چاڻو ب‍ه گهڻو رهيل هو – پوءِ ٻنهن ڌرين کي وهاري پرمارٿ ۽ وهنوار جون ڳالهيون ،درشٽانت، سڌانت سان سمجهايون ۽ هڪ ڪٿا ايڪتا تي ٻڌاﺋﻲ

ڪٿا ايڪتا بابت

هڪ دفعي مارواڙ ديس ۾ ڏڪر پيو هو ۽ گهڻا ماڻهو اتهون لڏي ٻين ديسن ڏي ويا هوا- هڪ ڪٽنب جا ماڻهو به لڏي ڪنهن ٻ‍‍ﺋﻲ ديس ڏي ويا ٿي۔ واٽ‏ تي رات اچي پين – سو هڪ وڻ هيٺيان گذارياﺋ‍ون۔ صبوح جو گهر جي وڏي يعني پير مرد هڪ پٽ‏ کي حڪم ڏنو ته ڊڀ ڪٽي اچ ،اهڙي طرح سڀني ڀاتين کي هڪ نه ٻ‍ﺌﻲ ڪم تي لڳاياﺋ‍ين- اهي بر وقت حڪم ٻڌندا ڪم ۾ لڳي ويا- انهيءَ وڻ ۾ هڪ پريت رهندو هو – سو اُن پير مڙد وٽ‏ آيو ۽ چياﺋ‍ين ته هي ڇا ٿا ٺهرايو ۽ ڪنهن جي لاءِ ۽ جواب مليس ته هي نوڙيون ٺهنديون، جي تنهنجي ٻڌڻ لاءِ ڪم اينديون – تنهن تي پريت چيس ته تون مونکي ڇو ٿو ٻڌين ۽ توکي ڇا گهرجي۔ پير مرد چيس ته ڌن گهرجي پريت چيس ته مان ڌن توکي ڏيان ٿو پر توهان مونکي نه ٻڌو ۔ پير مرد چيس چڱو – پريت چيس ته هن وڻ جي هيٺيان ديڳ مهرن جي پوريل اٿو سا کوٽي کڻي وڃو – پير مرد ان موجب ڪم پورو ڪرايو – ديڳه برابر هٿ آﺋﻲ، جا پير مرد کڻاﺋﻲ ڳوٺ وڃي سک سان وقت وتيت ڪرڻ لڳو-

پاڙي وارن جو هن جو سکيو حال ڏٺو، سو هڪڙي پڇيس ته ڪ‍ﺌ‍ين ڌن هٿ لڳ‍ﺌ‍ه- تنهن تي سموري ڳالھ اُن کي ٻڌاﺋﻲ ۽ وڻ جو نشان پتو به پورو ڏناﺋ‍ينس – تڏهن ان ماڻهوءَ ساڳي ريت پنهنجي گهر جي سڀني ڀاتين کي وڃي رات اُن وڻ هيٺ گذر ڪري، صبوح جو هڪ پٽ‏ کي چياﺋ‍ين ،ته وڃي ڊڀ ڪپي اچ – هن چيس ته اڳ‍۾ ٻ‍ﺌﻲ ڇوڪري کي اٿاريو ته ٻ‍ﺌﻲ گڏجي وڃون – وري وڃي ان کي اٿارياﺋ‍ين ته ان چيس فلاڻي کي اٿار ،وري ٽ‍ﺌ‍ي‍‍ن کي اٿارياﺋ‍ين ،ته ان چيس ته تو ن پاڻ نٿو وڃين، هت ڇا ويهي ڪندين ۔اهڙي طرح رد بدل ڪندا ٿي رهيا ، ته ساڳيو پريت وڻ تان لهي آيو - ۽ اچي پڇياﺋ‍ين ته ڇا ٿا ٺهرايو چياﺋ‍ونس ته نوڙيو ن ۔ ڇا جي لاءِ چياﺋ‍ونس ته توکي ٻڌڻ لاءِ، تنهن تي پريت چين ته جيڪي ٻڌڻ وارا ھ‍ﺌ‍ا، سي پنهن جو عيوضو وٺي ويا۔ توهان مونکي ٻڌي نه سگهندا۔ هاڻي جيڪڏهن هتان يڪدم هليا نه ويندو ته توهان سڀني کي ماري وجهندس – توهان ۾ ايڪتا اصل ڪانهي، ۽ هليا آهيو مونکي ٻڌڻ – پهرياﺋ‍ين پنهنجو گهر ٻڌو

اهڙي طرح ڪٿا ۽ ان جو سڌانت ٻڌاﺋﻲ، ٻنهي ڌرين جون دليون ٿڌيون ڪيون ۽ ٻنهي ڌرين کي ايترو ته اثر سوامي جي پرڀاو جو ٿيو جو پاڻ ۾ ڀاڪر پاﺋﻲ کير کنڊ ٿي ويا پوءِ سوامي جن ته هاڻي اڳوڻو پن‍ﺌ‍چاڻو جنهن جنهن وٽ‏ رهيل آهي، سو با امانت کڻي اچي- ڀلا سوامي جن جي وچن ۾ تاثير، ڪنهن جي مجال آهي جو ٻي طرح ڪري سگهي ،جن وٽ‏ پن‍ﺌ‍چاڻو رهيل هو سي هڪدم کڻي آيا ۽ اٽڪل ڏھ ھزار روپيه وصول ٿيا – جي سوامي جن پن‍ﺌ‍چات کي ڏي‍ﺌ‍ي چيو ته هاڻي اڳي وانگر سدا ورت وغيره جي پن‍ﺌ‍چاتي دان جا ڪم بند هوا، سي کوليا وڃن ۽ ان وقت کان وٺي اهي کليا – ماڻهن ج‍ﺌ‍ه ج‍ﺌ‍ه ڪار مناﺋﻲ

سمجهاڻي

اڄ جي ڳالھ پاڻ ۾ سمجهاڻي آهي پر مونکي شاھ عبداللطيف ڀٽاﺋﻲ جي هڪ بيت جو هي حصو ياد ٿو اچي

پاڻي مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن