پِراڻين جو خيال ڪرڻ
ھيٺيان جملا ڀاﺋﻲ روڙھا رام (ڀاﺋﻲ سترامداس جن جي ڀاﺋيٽي) جي ڀڳت ڪنور رام جي جيو ن چرتر تي لکيل ڪتاب جي صفحي ٢١ مان ورتل آھن
پراڻي ماتر ۾ پريم ڪندا ﮬﺌﺎ ۔ پسن - پکين – ڪتن ۽ ٻلن کي سندن کاڌو ۽ پاڻي ڏيﺋﻲ ان ۾ خوشي محسوس ڪندا ﮬﺌﺎ
گڏھ جن کي پٺي تي چٽا هوندا ﮬﺌﺎ انھن جي چٽن کي دوا پنهنجي هٿن سان لاﺋﻲ ڪپڙو ٻڌي ڇڏيندا ﮬﺌﺎ - ۽ منش ۾ جيڪي غريب ۽ اڻ ستياوان هوندا ﮬﺌﺎ تن کي کاڌو ڪپڙو يٿا شڪت ڏيندا ﮬﺌﺎ
سمجهاڻي
،ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو
،منجھس ڪاڪ ڪڪوري، منجھين لڊاڻو
،راڻو ئي راڻو، ريءُ، راڻي ٻيو ناھ ڪي
۽ مٿﺌين ڳالھ مان سکيا ملي ٿي ته اسان کي پنهنجي شڪتي جي مطابق نه صرف پنهنجي آس پاس جي انسانن جو خيال رکڻ کپي پر ٻين ساهوارن جو به
ليکڪ جي ننڍڙي سوچ جي مطابق اسان مان تقريناً هر شخص پنهنجي ۽ پنهنجي گهر وارن جي ضرورتون پوري ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو آهي پر ڇا اسان معاشري کي بهتر بڻاﺋڻ جي لاءِ ڪو ڪردار ادا نه ڪرڻ گهرجي؟ ڇا اهو اسانجو فرض نه آهي؟
جيڪڏهن ڀڳت صاحب ڀاﺋﻲ سترا مداس صاحب انهن ڳالهين عمل ڪري ڪيترن ﺋﻲ پراڻين جي جيون کي بھتر بڻايو ۽ جيڪڏهن اسان انهن گڻن مان ڪجھ کڻون ته اسان پنهنجي ۽ پنهنجي آس پاس جي ماڻهن جي زندگي بهتر بڻاﺋﻲ سگهون ٿا
ان کان علاوه ڪجھ ڏينهن پھرين جي ڳالھ ڪندس ته مونکي ڪنھن ماڻهو هڪ جهڙ جي تصوير موڪلي جنهن ۾ ڀاﺋﻲ سترام داس جن جي هڪ تصوير جو عڪس هيو ۽ ڪافي ماڻهن ان تصوير کي فيس بوڪ تي ڏٺو ۽ لاﺋيڪ ڪيو – مونکي ڪنهن فون ڪال ڪﺌﻲ ۽ ان جي لاءِ ٻڌايو منهنجي ذهن ۾شاھ عبداللطيف جو هي بيت آيو
ڪونهي ات ڪوهيار، جت تو، ڀوري! ڀانﺌيو
پنڌ مَ ڪر پهاڙ ڏي، وجود ﺋﻲ وڻڪار
ڌاريا ڀانﺌج ڌار، پڇ پريان ڪر پاڻ تون
اسان کي ڀڳت صاحب جي ڳولا شايد ڪنهن جهڙ ۾ يا تصوير ۾ نه ڪرڻ گهرجي بلڪه انهن جي سيرت جي مهڪ اسان جي عمل مان اچڻ گهرجي جيڪڏهن اسين پاڻ کي ڀڳت صاحب جو شش سمجهون ٿا ته اسان کي انهن جي سکياﺋن تي عمل ڪرڻ گهرجي
اها ڳالھ به سمجهڻ تما ضروري آهي ته انهن جي سکياﺋن تي عمل ڪري اسين نه صرف پنهنجو جيون بهتر بڻاﺋينداسين بلڪه اهي بنياد ي ڳالهيون اسانکي ڀؤ ساگر ما ن پار لڳاﺋﻲ سگهن ٿيون جﺌين شاھ عبداللطيف جو شعر آهي ته
ٻڏندي ٻوڙن کي ، ڪي هاتڪ هٿ وجهن
پسيو لڄ لطيف چﺌﻲ، ڪيڏي کي ڪکن
توڙي ڪنڌي ڪن نات ساڻن وڃن سير ۾
پنھنجو ۽ پنھنجي آس پاس جي جيون جو خيال رکجو
سداﺋين گڏ