نشڪامتا
You can also listen to the audio
Your browser does not support the audio element.
ھيٺيان جملا ڀاﺋﻲ روڙھا رام (ڀاﺋﻲ سترامداس جن جي ڀاﺋيٽي) جي ڀڳت ڪنور رام جي جيو ن چرتر تي لکيل ڪتاب جي صفحي ٢٩ ۽ ٣٠ مان ورتل آھن
سوامي جن نشڪام ته وري اھڙ ا ھوندا ھﺌا جو ڀڳتين وجھڻ ۾ جھولي ۾ جيڪي به ملندو ھن روڪ، ڪپڙو يا پرساد وغيرہ سو سڀ ورھاﺋﻲ ڏيندا ھﺌا – تنھن سواءِ غريب اناٿ اڀاگت – لولا – لنگڙا ۽ ٻيءَ طرح اڻ شڪتي وان پرش يا ناريو ن جﺌين جﺌين کين ٻاھر ڀڳتين تي ويندو ٻڌند ا ھﺌا ته اُن ساڻ اوڏانھن وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويندا ھﺌا سوامي جن به پريم ساڻ انھنکي ساڻ وٺي ويندا ھوا ۽ پوءِ انھن جي ھر طرح جي شيوا ٿيندي رھندي ھﺌﻲ – اھي خوش ٿي سوامي جن جو جس ھڪ طرف ڪندا ھﺌا ۽ آسيسو ن ٻﺌﻲ طرف ڪندا ھﺌا – ڪيترن ﺋﻲ قسمن جا ماڻھو رھڙڪي صاحب ۾ رھندا ھﺌا ۔ جن جي روٽي ڪپڙي وغيرہ جي شيو اپريم سان ٿيندي ھﺌﻲ ۔ جيڪي به کين خاص طرح ملندو ھو جھڙي لونگي يا لوﺋﻲ کڻي ڪو پريم سان ڳچيءَ ۾ وجھندو ھون ته اھا به ڪنھن اڀاگت کي ڏيﺋﻲ ڇڏيندا ھﺌا – ھڪ دفعي جي ڳالھ آھي ته ھڪ پريمي جيڪب آباد جو ويٺل سوامي جن وٺ ڀڄن بند ٿيڻ بعد موڪلاﺋڻ وقت منھ موکه سا ن گڏ ھڪ سوني نٿ سوامي جن جي نياڻي جا ا ن وقت ساڻ ھﺌﻲ ا ن جي لاءِ کڻي آيو ھو – سوامي جن چيو ته
ابا اھا اسان ھر گز نه وٺنداسون ۔ لوڀ جي درياہ کي بند ڏنل آھي ۔ ھڪ دفعي جي ڪٿان روڻ پيﺌﻲ ته سمورو بند ناس ٿي ويندو ۔
اھڙي طرح ڪيﺌﻲ مثال آھن ۔ جيڪي به ريل رستي سندن نالي تي ايندو ھو جيتوڻيڪ نالو موڪليندڙ ۽ وٺندڙ جو سندن ڏيکاريل ھوندو ھون پريمي اھڙيون به تجويزون ڪندا ھﺌا تڏھن به اھو سمورو پدارٿ پر اُپڪار ۾ لڳاﺋﻲ ڇڏيندا ھﺌا . ٻين درٻارين – اڀاگتن غريبن – لولن لنگڙن اناٿن ۾ گھرج آھر ورھاﺋﻲ ڏيندا ھﺌا . ڪڏھن تر جيترو به پھنجي ڪم بلڪل نه آڻيندا ھﺌا . ۽ ڀنڊاري ۾ به ڪم نه آڻيندا ھوا
سمجهاڻي
ڏني ڏُکويا، اَڻ ڏِني راضي ٿيا؛
.صوفِي تي ٿيا، جئن ڪِينَ کنيائون پاڻ سين
مون ڪافي دفعا انهي ڳالهه تي ويچار ڪيو آهي ته جيڪڏهن پراپڪار جي آيل سامان مان ڪجهه پنهنجي ڪم ۾ آڻن ها ته ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي پوي ها
پر ڇو نه ورتائون؟
پوءِ مون انهن لفظن تي غور ڪيو ته
لوڀ جي درياہ کي بند ڏنل آھي ۔ ھڪ دفعي جي ڪٿان روڻ پيﺌﻲ ته سمورو بند ناس ٿي ويندو ۔
شايد اها نشاني آهي هڪ سچي سنت جي ڳالهه ٿوري يا گهڻي سامان جي نه آهي بلڪ سو ٽڪا سچائي جي آهي ۽ اها آهي رهڙڪي صاحب جي اصل سکياجيڪا ڪرم ڪري زندگي گذارڻ جي آهي اها ڪرامات جي نه بلڪه هٽ هلائي وهنوار ڪرڻ جي آهي
اسان کي به گهرجي ته اسان زندگي ۾ هر ڪم پوري سچائي ۽ ايمانداري سان ڪريون ڇوته اهو ئي ڪاميابي جو آسان رستو آهي
پنهنجو ۽ پنهنجي آسپاس جي جيون جو خيال رکجو
سدائين گڏ