اچ سرومڻي سنتن جا سنگت ٿي سر نواﺋﻲ ھن ويل اڄ دکيءَ ۾ ڇڏيو ڪين ڪي ڀلاﺋﻲ آ سترام آ سترام ساﺋين سترا م ساﺋين سترام ھن کان مٿي ٻيو ڪھڙو ايندو سمو جو اھڙو ھر شخص کي ڀواﺋﻲ عاجز ڪندو جو اھڙو معافي گھرون ٿا ساﺋين بابل ن؍ دير لاﺋين پل ۾ پرين پساﺋين ڇڏيو مونجھ من مٽاﺋﻲ دم دم ٿا دل اندر ۾ پون پور ٿا اجايا من کي ﺑ؍ ڪن ٿا ماندو ۽ ڪلپنا ۾ ڪايا آرام ويو روحاني وسري ويو کاڌو ماني ظاھر ڪيو ظھورو دردن کي ڏيو گنواﺋﻲ سترام نام تنھنجو نالي جو ارٿ پنھنجو پورن ڪجان پريتم انجام ھو سو تنھنجو وپتا وقت پيارن سنسي دکن کي ٽارڻ ڪارڻ ٿيان ٿو ارجن پرگھٽ ٿي جوت جگاﺋﻲ سدا رنگ آ سوالي در تنھنجي تي حوالي بخشيش ڪيو بھاري ڏاتر ڪيو ن ڏيوالي سڀڪو خوشيون مناﺋﻲ کاﺋﻲ مٺیون مٺايون ۽ سڀﺌﻲ اﺋين سمجھن بابل وڌو بچاﺋﻲ