شبد

ڪوسا ڪوهر کڻي هليو


ليکڪ ڀاﺋﻲ وشن

ڪوسا ڪوهر کڻي هليو ڀاڳ کليا ساﺋين ڪنور رام جا
ڏيان پ‍ﺌسي ۾ پن ته ڀري هوڪا ڏيندو هليو رام نا م جا

مٺي ٻوليندو هليو ٻولي جتي لٿل سنتن جي ٽولي
آواز ويو ڪن تي نيڻ کليا ساﺋين سترا م جا

سنت ٻاهر نڪري آيو ساﺋين اچڻ سان گلي لڳايو
پڇيو نالو ڇا ٿي ٻچڙا آهيو ويٺل ڪهڙي گانو جا ؟

نانؤ ڪنور مان سڏايان پٽ‏ تاراچند جو آهيان
جروار آ منهنجو گانؤ آهيان نوڪر تنهنجي نانؤ جو

ڪوهر ساڌ سڀ‍ﺌﻲ کاﺋيندءِ پاڻي پي‍ﺌ‍ندءِ نه پاﺋﻲ ڏيندءِ
آهي سر به ساڌن صدقي آهيان نوڪر توهانجي نانؤ جو

ڪوهر ساڌن سڀن کاڌا جيڪي ڪنور رام آندا
وياڪوهر تنهنجا اگهجي وشن ڪم ڪري ويو عام جا