منھنجا ستگر سچا سترام تون ھﺌين نر اڇا نشڪام تون جنھن کي دانون ۾ آندو رام تون تنھنجا ڪٽيا ڪليش مدام تون شرن پڙي جي لاج رکڻ جو بيشڪ بار اٺايو تو پاپن پليتن ڏوھارن جو ٻيڙو پار لڳايو تو ڪريان تو در ٿو فرياد مان ڪريو دلگير کي دل شاد مان اجڙ کيت ڪيو آباد مان ڇڏيندين شرن پڙي کي ﻧ؍شام تون ڪلر مان اوھان ڪنور پايو سر جيون ڏيﺌﻲ امر بڻايو ھنڌ سنڌ ۾ تنھنجو شان وڌايو جان جگر کي شھيد ڪرايو ڪھڙي طاقت قلم کي آھي جو اڪٿ جي ڪٿا ڪراﺋﻲ پر امنگ کي ڪير مٽاﺋﻲ جو محب پياريو جام تون ڏيوري صاحب ب؍ آس وندن جا راس ڪري ڪم ڇن پل ۾ سھاﺋتاڪري ٿي وپت ڪال ۾ ۽ اوکيڙي ھلچل ۾ سدا رنگ رنگي کي ڌياﺋﻲ ڏسو من مانيا ڦل پاﺋﻲ ھن وقت ڏکﺌﻲ ن؍ آزماﺋﻲ ڏيندين ڌرم ارٿ موکش ڪام تون