شبد

ساﺋين سترام نالو دکن ناس آ


ليکڪ – ڀاﺋﻲ سدا رنگ مل

ساﺋين سترام نالو دکن ناس آ
پوري پڪي جن مٿن آس آ

امر اوٽ‏ ورتي لاڳاپا ڇڏي
ڇڏياﺋ‍ون ت‍؍ ھڪدم اڏي ۽ گڏي
رھيا دم پڇاڙي تاﺋين داس ھ‍ﺌ‍ا

ڪچا ساٿ جي‍ﺌري ڇڏن ٿا ڪٽي
سچن سنگ سچ پچ موﺋﻲ ن‍؍ مٽي
مسڪينن تي سنتن سدا قياس آ

ڏوھن ڏوھ بخشڻ برن سان ڀلو
ديا سان سڪل ڪن ٿا ساﺋ‍و سلو
جن امتحان اھڙو ڪيو پاس آ

سدا رنگ رھ تون سدا بي فڪر
سندن نام سندو ڪندو رھ ذڪر
ت‍؍ ڪٽجي وڃي ھي جنم ڦاس آ