سوچ ويچار

ڪافي دفعا ج‍ﺌڪار ڪرڻ کان منع ڪرڻ


اڄ هن ويبساﺋيٽ‏ کي شروع ڪ‍ﺌﻲ هڪ سال پورو ٿيو ۽ اڄ وري اسين ڀڳت صاحب ڀاﺋﻲ چنديرام صاحب جن جي سالگره جو موقعو آهي ۽ ان موقعي تي سڀني پڙهندڙن کي هن ويبساﺋيٽ‏ جي طرفان ڀڳت صاحب ڀاﺋﻲ چنديرام صاحب جن جي جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون۔

سنڌي زبان ۾ چوڻي آهي ته جنهن جي ڄڃ تنهنجا سهرا ۽ انهن چوڻي کي ڌيان ۾ رکندي اسين ڀڳت صاحب ڀاﺋﻲ چنديرام صاحب جن جي سکياﺋن مان هڪ ڳالھ لکنداسين ۔

گهڻو عرصو پهرين مون ڪٿي پڙہيو يا ٻڌو هو ته ڪنهن به وڏي ماڻهو جي وڏاﺋﻲ جو پتو ان جي ننڍي ننڍي ڳالهين مان پوندو آهي

ضروري شايد اهو نه آهي ته ان جون ڳالهيون ڪهڙيون آهن پر ان جي سوچ ۽ عمل ڪهڙا آهن ۽ اهو سوچي ﺋﻲ رهيو هيس ته ڀڳت صاحب ڀاﺋﻲ چنديرام صاحب جن جي ٻڌل ڳالهين مان هي ڳالھ ذهن تي آﺋﻲ ته هڪ دفعي ڀڳت يا ڪنهن گڏجاڻي دوران پريمي ڪافي دفعا ڀڳت صاحب ڀاﺋﻲ سترام داس صاحب جن جي نالي جي ج‍ﺌڪار ملهاﺋﻲ رهيا ه‍ﺌ‍ا

تنهن تي ڀڳت صاحب ڀاﺋﻲ چنديرام صاحب جن ڪافي دفعا ج‍ﺌڪار ڪرڻ کان منع ڪيو ۽ چياﺋون ته اسان جي ساﺋين جو نالو ايترو سستو ڪون آهي۔

هڪ شام جو اها ڳالھ ذهن ۾ تري آﺋﻲ ۽ ذهن ۾ اهو سوال آيو ته بار بار ج‍ﺌڪار ڇونه ماﺋڻ گهرجي ۽ پريمي صرف پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪري رهيا ه‍ﺌ‍ا پوءِ منع ڇو ڪياﺋ‍ون؟ ۽ اهو خيال آيو ته ضروري ج‍ﺌڪار شايد ڪو ن آهي ۽ عمل آهي۔ اهو شايد انهي ڪري ڪياﺋ‍ون ته ماڻهو جذبات ۾ ج‍ﺌڪار ڪرڻ تي ايترو ڌيان نه ڏين پر سوچ ويچار ۽ سٺين ڳالهين تي عمل ڪري پنهنجو جيون سڦلو ڪن۔

اهي سنت يا مها پرش جن سڀ ڪجھ ايشور جي نالي تي ورهاﺋﻲ ڏنو انهن کي اسان جي ج‍ﺌڪار يا وڏاﺋﻲ ڪرڻ شايد ڪون ٿو گهرجي پر اسين انهن جي ڪجھ سکياﺋ‍ن تي عمل ڪري پنهنجو جيون سڦل ڪريون

!سي تون ويهي وڃاﺋ‍يا، جي ڪتڻ سندا ڏينهن
ارٽ‏ اوڏي نه ٿ‍ﺌين، ڀوري! ڀوري س‍ﺌين؛
ڪنڌ کڻندين ڪ‍ﺌين، اڱڻ عجيبن جي؟

پنهنجو ۽ پنهنجي آس پاس جي جيون جو خيال رکجو۔

!سداﺋ‍ين گڏ