!عام ڪنور
ڪجھ ڏينهن کان ذهن ۾ هي ويچار هيو ته ڀڳت ڪنور را م جي جنم ڏينهن جي مناسبت سان ڪجھ لکجي۔ پر ذہن ۾ اہا سوچ به ھﺌﻲ ته ڇا لکان؟
ڇا مان ڀڳت ڪنور رام جي مڌر ۽ من موهيندڙ آواز جي باري ۾ لکان جنهن لکين ماڻهن جي دلين کي موهي ڇڏيو يا مان ڀڳت ڪنور رام صاحب جي سخاوت جي باري ۾ لکان جنهن پنهنجو سڀ ڪجھ غريبن ۽ محتاجن جي واهر لاءِ ڏيﺌﻲ ڇڏيو۔ اهو سوچي ﺋﻲ رهيو ھيس ته ذهن ۾ سوچ سمنڊ ۾ لهرن جيان ،ڪنور رام جي ننڍپن جي يادن طرف وٺي ويﺌﻲ ۽ دل ۾ اهو ويچار آيو ته هڪ عا م ڪنور جي باري لکڻ کپي
ڀڳت ڪنور رام جي خاص ڳالھ شايد اها آهي ته هو هڪ عام ٻار ھﺌا ۽ ان چوڻ ۾ منهنجو مقصد اهو آهي ته انهن وٽ زندگي جون ڪيتريون ﺋﻲ سهولتون موجود ڪين هيون جيڪي اسان وٽ موجود آهن۔ ننڍپڻ ۾ پنهجي گهر وارن جو هٿ ونڊاﺋڻ ۽ گذر سفر جي لاءِ ڇولا هلاياﺋون ۽ مشڪلاتن جي دوران ڪجھ غلطيون انهن کان به ٿيون جﺌين ته ڀڳتين جي دوران ٽوپي به لڪاﺋﻲ پر انهن غلطين کان به وڌيڪ اهم ڳالھ اها آهي ته اهي انهن غلطين مان سکيا ۽ وري نه دهراياﺋون يا نه دهراﺋن جي ڪوشش ڪياﺋون۔ اھا ڳالھ انهي ڪري به اھم آهي ته اگر اسان غور سان سوچيون ته شايد پنهنجو عڪس نظر ايندو۔
ڪڏهن ڪون ٿيوم، آثارو تنهن عشق جو
،محبوبن منٿون ڪري سڪڻ سيکاريوم
تهان پوء ٿيوم، پسڻ پرين جو۔
اسان مان اڪثر ماڻهو اهو سوچيندا آهن ته شايد اڄ ڀڳت ڪنور رام جو نالو انهي ڪري آهي جو انهن وٽ مڌر آواز هيو يا اهي سخي ھﺌا پر منهنجي ننڍڙي سوچ جي مطابق انهي کان به اهم ڳالھ اها آهي ته انهن پنهنجي مرشد جي ڳالھ کي غور سان ٻڌو ، دل ۾ هنڊايو پر ان تي عمل به ڪيو۔
،هلَ هِنئين سين هوت ڏي پيرين پنڌ وسار
قاصداڻي ڪار، ڪين رساڻي ڪيچ کي۔
ڳالھ گهڻي يا ٿوري جي ڪون آهي پر شايد سچاﺋﻲ جي آهي ضروري اهو نه آهي ته اسين گهڻو پراپڪار يا گهڻي چڱاﺋﻲ ڪريون پر پنهنجي اهليت مطابق ڪريون ۽ شايد اسين وڏا ڀڳت ڪنور نه پر ننڍا ڀڳت ڪنور ضرور ٿي سگهون ٿا۔
آخر ۾ شاه عبداللطيف ڀٽاﺋﻲ جو ھي بيت ذهن ۾ اچي ٿو۔
ثمر جنين نه ساڻ، هوت حماتي تن جو
ڪري ڇيڄ ڇپر ۾، پنهون ايندو پاڻ
ٿيندي ريجھ رھاڻ لحظي منجھ لطيف چﺌﻲ
پنهنجو ۽ پنهنجي آس پاس جي جيون جو خيال رکجو۔
!سداﺋين گڏ